ڇا ڪراچي بيروت بڻجندي ؟

13/04/2013 21:53

 

”آصف زرداري باھ سان کيڏي رھيو آھي.“  ڪي ٽي اين کي انٽرويو ڏيندي نوازشريف ھڪ تلخ حقيقت بيان ڪري ٿو. جيئن جيئن مھاجر صوبي جي تحريڪ تيز ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اھا حقيقت به سڀني تي عيان ٿيندي وڃي ٿي. سنڌي ۾ اھو  مشھور پھاڪو آھي ته ” جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کوٽيندو اھو پاڻ ان ۾ ڪرندو.“  ھي پھاڪا اوڀر جي ھزارين سالن جي لوڪ ڏاھپ جا ترجمان آھن پر ڀلو ٿئي اولھه جي پنج سؤ ساله ” سائنسي“  ڏاھپ جو ، جنھن اوڀر جي سموري ڏاھپ کي گرھڻ لڳائي ڇڏيو آھي. اھڙي ڏاھپ کان مستفيد ٿي اسانجا جنرل ۽ جج ۽ سياستدان اعلى سائنسي دماغ بڻجي اھڙيون ته شطرنج جون چالون کيڏي رھيا آھن  جو شطرنج جي بادشاھ روسي رانديگرن جون به وايون بتال ٿي ويون آھن. سنڌي ۾ ھڪڙو ٻيو به پھاڪو آھي ته پنھنجي وڍئي جو نه ڪو ويڄ نه طبيب.“ لياري آپريشن، ان پھاڪي جي صداقت جو زنده مثال آھي. ان کان اڳ جڏھن مرتضى ڀٽو  خلاف پوليس آپريشن جي اجازت ڏني وئي ھئي تڏھن به ان ۾ نتيجو خود پيپلز پارٽي حڪومت لاءِ ئي تباھ ڪن ثابت ٿيو ھو ۽ انھن ٻنھي پوليس آپريشنس کي شطرنج جي بادشاھ جو ابتدائي آشيرواد ضرور حآصل ھو. اسانجي جمھوري توڻي آمريتي حڪومتن پنھنجين غلطين مان سبق نه پرائڻ جو پڪو پھه ڪري ڇڏيو آھي تنھڪري ئي ته ھو نه رڳو ساڳيون ئي غلطيون بار بار دھرائين ٿا بلڪ ان تي ڪمال فنڪاريءَ سان پھرئين پڏائين ٿا ۽ پوءِ مظلوميت جو راڳ ٿا الاپين . لياري آپريشن جي شروعاتي  ڏينھن ۾ نبيل گبول سينو تاڻي آپريشن جا گڻ پئي ڳائا ۽ پوءِ جڏھن نتيجو ناڪامي ۽ شرمندگيءَ جي صورت ۾ نڪتو ته ھاڻي ھو صاحب فرمئي ٿو ته ” لياري آپريشن پيپلزپارٽيءَ کي تباھ ڪڻ لاءِ رٿيو ويو ھو!“
مرتضى ڀٽي خلاف پوليس آپريشن مان پيپلز پارٽي جيڪڏھن ٿورو سبق سکي ھا ته جيڪر کيس ھي ڏينھن اڄ نه ڏسڻو  پوي ھا. پر ڇا ڪجي، اقتدار خاطر، بقول محترم نثار کھڙي جي ” ڪوڙي گوري“ ته کائڻي پوي ٿي ۽ ” عوامي مفادن خاطر “ پنھنجن ئي سورمين ۽ جيالن خلاف قدم کڻڻو ئي پوي ٿو. اقتدار جا پنج سال پورا ڪرڻ  ۽ آئينده به اقتدار ۾ رھڻ جا جتن ڪندي پيپلزپارٽي ھاڻي اھا ٽاري وڍي رھي آھي جنھن تي ھو پاڻ ويٺي آھي !! 
پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم خودڪش بمبارن کان متاثر ٿي پاڻ به خودڪش جيڪيٽون پائي ورتيون آھن ۽ مسلسل سنڌ جي قومي وحدت تي خطرناڪ وار ڪري رھيون آھن. ايم ڪيو ايم جو مھاجر قوم ۽ وطن جو نعرو خودڪشي کانسواءِ ڪجھه به ڪونھي . ايم ڪيو ايم وقتي مصلحت خاطر جيڪو ”متحده “ جو لباس پاتو ھو، سو ھاڻي لاھڻ جا سانبها ڪري رھي آھي. ھاڻ اھا حقيقت ڪنھن کان ڳجھي ناھي رھي ته مھاجر صوبا تحريڪ ايم ڪيو ايم جي ئي دھشتگرد ونگ آھي جيڪا ڪراچي کي بيروت بڻائي ”مظلوم مھاجرن“ لاءِ مھاجرستان جي اڻٽر ضرورت جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻ گھري ٿي. ھو چاھن ٿا ته ”ظالم سنڌي “ اشتعال ۾ اچي ”مظلوم مھاجرن “ مٿان حملا ڪن ۽ ھو دنيا کي ٻڌائن ته ڏسو، اسان ته اجرڪ ٽوپيون پائي سنڌي به ٿي ويا ھئاسين پر سنڌي اسان کي الٽو ماري رھيا آھن. تنھنڪري  ھاڻي مھاجرن جو الڳ وطن ائين ضروري آھي جيئن 1947ع ۾ پاڪ وطن ضروري بڻجي پيو ھو.
مھاجر صوبا تحريڪ لڳندڙ وال پوسٽر ، نعرا، چاڪنگ، ڌمڪين وارا خط ۽ روز بروز وڌندڙ مظاھرا سنڌي ماڻھن جي صبر جو ڄڻڪ امتحان آھن ۽ سنڌي ماڻھو حيران، پريشان ۽ششدر ٿي پنھنجي سياسي قيادتن ڏانھن واجھائي رھيا آھن جتي کين ڪاريءَ وارا ڪک ٿا  نظر اچن. ھڪڙا  اقتدار بچائڻ جي ڳڻتيءَ ۾ مچي مڇ ٿي پيا آھن، ٻيا سندن وڃڻ جي انتظار ۾ واٽ وڇائي ويٺا آھن ۽ ٽيان خبر نه ٿي پوي ته ” ڪھڙي منجھه حساب“ نائن زيرو سان پريت جا پيچ لڙائي رھيا آھن! آزادي مارچ کانپوءِ سنڌي ماڻھن جا حوصلا جيترا بلند ٿيا ھئا اڄ سنڌ جي سياسي افق تي بشير قريشيءَ جي شھادت کانپوءِ ايتري ئي مايوسي ۽ بدحواسي ڇانئجي وئي آھي ۽ اھو سوال پريشان ڪرڻ لڳو آھي ته ڪٿي دشمنن جون سازشون ھڻي وڃي ھنڌ نه ڪن. بشير قريشيءَ جي شھادت کانپوءِ لياري آپريشن ان ڳڻتي ۽ پريشانيءَ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪري رھيون آھن  مھاجر صوبا تحريڪ جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جون وڌندڙ سنڌ دشمن سرگرميون ۽ انھن کي ملندڙ عوامي حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ جو گڏيل آشيرواد. پيپلز پارٽي حڪومت  ايم ڪيو ايم کي ھي جيڪو آشيرواد ڏئي رھي آھي  ۽ سندس ڀرجھلي ٿي بيٺي آھي تنھن جا نتيجا مرتضى ڀٽي آپريشن ۽ لياري آپريشن کي مليل سندن آشيرواد کان گھڻا خطرناڪ نڪرندا. لياري آپريشن کانپوءِ به سندن اکيون نٿيون کلن ته پوءِ ھن حڪومت کي به پنھنجي ئي کوٽيل کڏ ۾ ڪرڻ کان ڪوئي بچائي نه سگھندو. ڪورٽ ڪچھرين جي حملن مان ته ھو ڏند ڪرٽي جان ڇڏائي ٿا وڃن پر ھن نسل پرست ڏانئڻ جو ساٿ سندن پيرن ھيٺان زمين ڪڍي ڇڏيندو ۽ ھو ھن ڀيري ڪنھن ڦاسي گھاٽ بدران ھوا ۾ لڙڪيل نظر ايندا۽  ڪوئي ڀٽو سندن ڀرجھلو ٿي نه سگھندو. خالص ڀٽو ته هاڻي بينظير جو ڪوئي ٻار رھيو ناھي، ٽئي ڀٽو زرداري ٿي ويا آھن ۽ ياد رھي ته ھيءَ مسخري بينظير پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪڏھن به ٿيڻ نه ڏني ھئي. ھيءَ تاريخي ايجاد به اسانجي جت بادشاھ جي شاطر دماغ جو ڪارنامو آھي. ھي حال ته آھن حيات جي ٻارن جا ۽ اقتدار جي شطرنج کيڏندڙ دماغن جا، پر پنھنجا يار، قومي جدوجھد جا علمبردار ڇا پيا ڪن؟ بلاشڪ بشير قريشيءَ جو موت، قومي جدوجھد تي ڪاري وار آھي پر مظلوم قومن تي اھڙا ڏکيا ڏينھن ايندا آھن ۽ اھي گھڙيون امتحان جون گھڙيون ھونديون آھن. ويٽنام جيان جيڪي قومون پنھنجي ڏک کي طاقت ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون آھن اھي آزادي ۽ فتح سان ھمڪنار ٿي وينديون آھن. اھڙي فتح ماڻڻ لاءِ ڏاھپ ۽ سرڪشيءَ جو سنگم اولين شرط ھوندو آھي. اڄ جڏھن جسقم قومي جدوجھد جي ھر اول دستي طور اڀري عوامي حمايت به حاصل ڪري ورتي آھي تڏھن تاريخ جي سڀ کان ڳري ذميداري به سنس سر تي آھي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جڏھن ”جيئي سنڌ“ نظم لکيو  ۽ سئين جي ايم سيد ان کي آزادي جي راھه جي نشانبر نعري طور اڀاريو تڏھن کان ”جيئي سنڌ“ مزاحمت ۽ سرڪشيءَ جي علامت بڻيل آھي ۽ پنھنجين ھزار ڪوتاھين جي باوجود  قومي جدوجھد جو علم سر بلند رکيو آھي. پر اسانجو الميو اھو آھي ته اسانجي ڏاھن ۽ دانشورن کي عمل جي شھسوارن ۾ عيب  گھڻا نظر ايندا آھن ۽ اسانجا قومي ورڪروري ڏاھپ ڏنگ سڄي علم ۽ دانش کان ونءُ پيا ويندا آھن ۽ اھو به وساري ويھندا آھن ته  اسانجي نئين سنڌ جا معمار رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڏاھپ ۽ سرڪشيءَ جي سنگم جا پيڪر ھئا ۽ ھنن پنھنجي علم، دانش ۽ سرڪشيءَ سان ئي سندن سرڪش دودن جي آبياري ڪئي آھي. 
جيئي سنڌ جي ھڪڙي خوبي جيڪا ڪڏھن به نمايان ٿي سياسي منظر تي نه آئي آھي سا آھي سندس جمھوري جوھر. پاڪستان جي ڪنھن به جمھوري پارٽيءَ جي جوھر ۾ ايتري اندروني جمھوريت ناھي جيتري جيئي سنڌ جي جوھر ۽ عمل ۾ سمويل آھي. سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ ۾ توڻي پوءِ به ڪڏھن به چونڊ عمل رڪيو ناھي ۽ ان چونڊ عمل جي شفافيت جو اندازو ان سان به لڳائي سگھجي ٿو ته جسقم جي گذريل چونڊ ۾ صفدر سرڪي ، بشير قريشيءَ جي مخالفت جي باوجود جنرل سيڪريٽريءَ جي چونڊ کٽي ورتي ھئي. جيئي سنڌ جو ٻيو وڏو گڻ اھو به آھي ته تمام تر عقيدت جي باوجود ان خانداني ۽ موروثي سياست تي نظرياتي سياست کي ترجيح ڏني آھي تڏھن ته ان جي واڳ سيد خاندان جي ڪنھن فرد بدران بشير قريشيءَ جھڙي ورڪر کي ملي. جيئن ته اسان کي خاميون ۽ ڪوتاھيون اڳ ۾ نظر اينديون آھن خوبين تي نظر گھٽ ويندي آھي تنھنڪري اھا حقيقت ڄڻڪ لڪل ئي رھي آھي ته جيئي سنڌ ھڪ مظبوط نظرياتي ۽ جمھوري قوت آھي جنھن جي مزاحمتي سگھه ناقابل شڪست آھي. پر جيئن ته اھا ڌڙابندي جو شڪار ٿيندي رھي آھي ڪافي سالن کان سائين جي ايم سيد جي سالگره ۽ ورسيءَ جي موقعي تي به پنج ڇھه ڌڙا الڳ الڳ پروگرام ڪن ٿا تڏھن ان جو ڏاڍو منفي اثر ظاھر ٿئي ٿو. پر ان جي باوجود اھا ھڪ حقيقت به پنھنجي جاءِ تي اھميت واري آھي ته ھاڻي سڀني قومي ڌرين ۾ ھڪ ٻئي لاءِ سھپ ۽ رواداريءَ جو مادو ڪشادو ٿي چڪو آھي پر قومي تحريڪ لاءِ اھو ڪافي نه آھي. سھپ ۽ رواداريءَ جو وري ھڪڙو منفي پاسو اھو به آڏو آيو ته قومي، احتساب ۽ خود احتساب جو عمل ڪمزور ٿيڻ لڳو جيڪو ھاڻي سوشل نيٽ ورڪنگ جي ذريعي وري سگھارو  ٿيڻ لڳو آھي. بشير قريشيءَ جي شھادت کانپوءِ يقينً قومي جدوجھد وقتي طرح ننڌڻڪي ٿي وئي آھي پر سنڌ جي مزاحمتي سگھه اھو سور سھي به ھڪ قدم اڳتي وڌندي ۽ سنڌ جي قومي وجود تي ٿيندڙ وار ناڪام بڻائيندي نه رڳو سنڌ جي وحدت جو تحفظ ڪندي بلڪ ڪراچيءَ کي به بيروت بڻجڻ کان بچائي سگھي ٿي. مصنوعي قوتن ۽ قيادتن جون ڪمزوريون ڏسي اسان کي ھنيانءُ نه ھارڻ گھرجي ۽ اٽل ويساھ سان سنڌ جي بقا ۽ آجپي جي جدوجھد تيز ڪڻ گھرجي.